دوسُ جي سنڌي معنيٰ
پيارو، پيار وارو، پرين، پريتم، حُب وارو، محبوب، دِل وارو، دِلدارُ، مُحِبُ، سڄڻ، دوست، يارُ، معشوق، محبوب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloved, love, amour, friend, lover.
دوسُ جا بيتن ۾ حوالا
دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو.
ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو،
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
هُو جَنھِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
عَبدِالْلَطِيفُ چئَي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 6 ]

اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئا،
لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا دوسُ مُجي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 1 ]
لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا دوسُ مُجي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 1 ]
دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين،
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ،
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ ڄامَ جي،
دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 6 ]
دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 6 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، اَڱَڻِ مُون اَفسوسُ،
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 24 ]
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 24 ]
توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا،
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]
English Meaning
Beloved, love, amour, friend, lover.