ديرو جي سنڌي معنيٰ
جاءِ، جڳھ، هنڌ، ماڳ، مڪان، گهر، ڪوٺي. رهڻ جي جاءِ، منزل، ڊاٻو، آستانو، ٿاڪ، ويسانھين، وستي، بستي، ڳوٺ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A house, habitation, encampment. Settlement.
ديرو جا بيتن ۾ حوالا
وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين،
وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين،
جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،
ڀَنڀِيُون ڀِرِي آيُون، آيَلِ مُون اُتاھين،
قَلَمُ جَنِ جي ھَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائِين،
بَندِيءَ جِي بازارَ ۾، شالَ مَ لِکَنِ لائِين.
[ سُر آسا، وايون، 3 ]