دِلِاسا جي سنڌي معنيٰ
ڏَڍَ، آسرا، دلجايون، تَسليون، تسڪين، آٿَتون، دلداريون. هِمَتون، فرحتون، آرام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comforts, encouragements, consolations.
دِلِاسا جا بيتن ۾ حوالا
اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئا،
لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا دوسُ مُجي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 1 ]
لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا دوسُ مُجي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 1 ]
اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين،
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ،
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ،
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
English Meaning
Comforts, encouragements, consolations.