راجا جي سنڌي معنيٰ
راج يا راڄ ڪندڙ، بادشاھُ، حاڪم، راءُ، سلطان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A king, prince.
راجا جا بيتن ۾ حوالا
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي،
راجا رَتولَنِ ۾، وَرَنائِي وائِي،
ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارَٽُ ٻاجهائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 15 ]
راجا رَتولَنِ ۾، وَرَنائِي وائِي،
ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارَٽُ ٻاجهائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 15 ]
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾ چَوڏولَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ،
ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 12 ]
توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ،
ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 12 ]
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ،
راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ،
گهورِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، تُنھِنجي قَدَمَ تان قُربانُ،
مَٿو ھِيءُ مَھمانَ، ھَلِي چَئُہ تَہ ھُتِ ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 13 ]

نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،
رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ،
اَنَا اَحْمَدٌ بِلَا میْم چَئِي، سَينَ ھَنئِي سائِلَ،
ڪَنھِن ڪَنھِن پيئِي ڪَلَ، تَہ ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 16 ]

ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي،
رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ وائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 17 ]
رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ وائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 17 ]
راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،
جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ،
تازِي ڏِيوسِ تَڪِڙا، جوھَرَ پائي زِينَ،
ٻِئو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 18 ]

راجا کي ٽِينءَ راتِ ۾، ٻُڌايو ٻِيجَلَ،
سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ،
آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 3 ]
سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ،
آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 3 ]
ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي جَنگيلِيءَ چِيھَ،
اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ،
جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل تو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 3 ]
اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ،
جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل تو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 3 ]
ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ،
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ،
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
English Meaning
A king, prince.