راضِي جي سنڌي معنيٰ
چڱو ڀلو، مطمئن، خوش، خوشنود، پرسن، سرور ۾
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Satisfied, agreed, agreeable, regarding with good will or favour, liking, approving, pleased, well-pleased, content, contented.
راضِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي رَھِئا،
صُوفِي تي ٿِئا، جِيئَن ڪِينَ کَنيائُون پاڻَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 4 ]
صُوفِي تي ٿِئا، جِيئَن ڪِينَ کَنيائُون پاڻَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 4 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي کُوھَ،
پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ لنگهندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 30 ]
پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ لنگهندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 30 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ،
تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھاري مَنجهان ھيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀَ آبادِ ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 3 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ،
تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھاري مَنجهان ھيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀَ آبادِ ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 3 ]
حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو،
اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو،
آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،
ڀاءُ پُٽَ سِرُ صَدِقو، ٻِئو پُڻ ڏِيان ٻانهو،
مانَ راضِي ٿِئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو،
ھِيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مَٿانئِي گهورِيان.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 2 ]

چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ،
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]
ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ،
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ،
ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ،
ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا راتِ راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 19 ]
ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ،
ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا راتِ راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 19 ]
راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ،
تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ،
تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍي سُلطانَ ڏي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 20 ]
تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ،
تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍي سُلطانَ ڏي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 20 ]
راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ،
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ،
سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 6 ]