ريزالَنِ جي سنڌي معنيٰ
رَذِيلن، ڪَميڻن، گهٽ درجي جي ماڻهن، ڪَمِينن، بي حَيائن، بي شرمن، بدڪارن، بَد چالن، بد افعالن. نرلَڄن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abjects, contemptibles, despicables, means, shameless men.
ريزالَنِ جا بيتن ۾ حوالا
مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ،
رَسِئو ريزالَنِ کي، زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ،
ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪِئائِين ڳُجَهہ جِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 18 ]

وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو،
ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين،
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
ڪِينَ مَنجهان ئِي ڪِي ڪَري، سو نَہ ساراھِيين سائِين،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ ، آھي سَڀَ اُتائِين،
نَوازِيائِين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪِيائين،
حرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀَڃِي سَڀَ ڀَڳائِين،
حاسِدَ سَڀَ حُزنَ ۾، مُدَعِي پاڻَ مُٺائِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 2 ]