رَمُوزَ جي سنڌي معنيٰ
رمزون، نشانيون، اهڃاڻ، اشارا. اٽڪلون، کيڏون. ڀيد، راز. (ھتي رمز جي جمع لفظ رموز کي سنڌي ٻوليءَ جي ڍنگ آڌار رموز ڪيو ويو آھي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hints, signs, codes, symbols.
رَمُوزَ جا بيتن ۾ حوالا
تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا،
ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي،
اِشارَتُون اُنِ جُون، وانءُ کَپِي تُون کائِي،
نِنڊَ تَنھِن کي ناھِ ٿِي، جا آدِيسيَنِ اُٺائِي،
رِيجهائِي رَمُوزَ سين، کاھوڙِيَنِ آئُون کانِئي،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، ٻُجَهنِ تان نَہ ٻِئائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، اُنِهين لَيءِ آئِي،
آھي اِنَهِيءَ ڳالِهہ جِي، راوَلَ اِيءَ رُباعِي،
اَکِيُنِ آرَسُ ڇڏِئو، دِلِ ۾ ناھِ دَغائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 8 ]

سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ،
ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 9 ]