رِيءُ جي سنڌي معنيٰ
مَٺُ، ڪَچُ، ڪُوڙُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dross, false, glass.
رِيءُ جا بيتن ۾ حوالا
اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ،
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
راڻا ھُيَسِ رِيءُ، تو سائِينءَ مُون سونُ ڪِئو،
مُنھِنجي مَدايُنِ جو، حالُ اَٿيئِي ھِيءُ،
ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 25 ]
مُنھِنجي مَدايُنِ جو، حالُ اَٿيئِي ھِيءُ،
ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 25 ]
English Meaning
Dross, false, glass.