زالَ جي سنڌي معنيٰ
استري، جوءِ، مَھرِي، نارِ، ناري، زائفان. گهرواري، عورت، زوجہ، بيگم، ٻائي، بيبي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wife, woman, female.
زالَ جا بيتن ۾ حوالا
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ،
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]

وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]