زَنجِيرَنِ جي سنڌي معنيٰ
لوھَ جي ڪَڙين جون ڳُتيل قطارون، سَنڪِلِين، چينون، سَنگرن، نِئَرن، واگهن. ٻيڙين، اشڪولن. ڏاوڻن. ڪڙين، قطارن. ڳچيءَ ۾ پائڻ جا ڳھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Chains, shackles, fetters.
زَنجِيرَنِ جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ اِيئَن مَ ھوءِ، جِيئَن آئُون مَران بَندَ ۾،
جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ،
پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 11 ]
جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ،
پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 11 ]
مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ،
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِٺَئِي ڏِينھَن،
وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويھُ وِھاڻِيءَ سِينءَ،
چوٽِي سين چانگَن کي، جَڙِ زَنجِيرَنِ جِيئَن،
تَہ ھوتُ تُنھِنجو ھِيئَن، پُنهون نِيائُون نَہ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 10 ]