ساقِي جي سنڌي معنيٰ
محفل ۾ شراب ورهائيندَڙُ، مئي ورهائيندڙ، شراب پياريندڙ. )اصطلاح طور سخي. معشوق، محبوبُ، صنم.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who serves wine, water-carrier, one who gives water to drink, cup-bearer, one who gives (something) to drink, bartender, a sweetheart.
ساقِي جا بيتن ۾ حوالا
گهَٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِھَ سِرِ گاڏُيُون،
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
جانۡ تُون ساقِي آھِين، تَہ وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجُهہ،
جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ،
نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ کُھيَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 15 ]