سالِمُ جي سنڌي معنيٰ
سليم، صاف دل، شريف. سڻو پرو. صلح سلامتي وارو. تازو، توانو، تندرست، چڱو ڀلو، نرويو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Complete, clean, fresh, new, good.
سالِمُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]

جَي ھُو تاڻِينِ تَندُ کي، تَہ تُون تَندُ مَ تاڻِ،
اَڳي اِنَ اُھڃاڻِ سالِمُ تَندُ سَڄِي ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 31 ]

ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]

سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ،
رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ خَلِيلَ جو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 1 ]

سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو ڪُھي سَڳوۡ ڀاءُ،
طَلاقَ ڏيئِي جوءِ کي، سُمهين وَٽِ ماءُ،
اِنَ پَرِ اُٿِي آءُ، تَہ سامِي سالِمُ تُون ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 6 ]

سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ،
پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ پينارَ تي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 2 ]