سونا جي سنڌي معنيٰ
سون جو، سون وارو، سون مان ٺھيل طلائي، زرين. بلڪل سٺو، خاصو، عمدو، سھڻو، چوکو. نِج، نِبار، صاف، صفا، پاڪ، پوتر، بي عيب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Golden, of gold.
سونا جا بيتن ۾ حوالا
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو ھَڏِ مَ لاھِ،
آھي تَنِ اُونداھِ، جَنِ جَواھِرَ ضايَع ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 12 ]
آھي تَنِ اُونداھِ، جَنِ جَواھِرَ ضايَع ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 12 ]
آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَيئِي،
رَتا راٺوڙِيُنِ جا، ٻِيڙَنِ ھَٿَ پيئِي.
ناتَر اُتِ نيئِي، راڻو رَتِ رَساڻِئو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 17 ]
رَتا راٺوڙِيُنِ جا، ٻِيڙَنِ ھَٿَ پيئِي.
ناتَر اُتِ نيئِي، راڻو رَتِ رَساڻِئو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 17 ]
آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَ سُرَنگَ،
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھار،
ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ،
تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 12 ]
ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ،
تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 12 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاھِ مَ، لَڏِ،
سودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 13 ]
سودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 13 ]
English Meaning
Golden, of gold.