سَبَبُ جي سنڌي معنيٰ
ڪارڻ، علت، وجھ. مقصود، مطلوب. باعث، نِيَتَ، ارادو. حجت، دليل. تقريب. ذريعو، وسيلو. ضرورت. بھانو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cause, reason, motive.
سَبَبُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ،
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا،
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
English Meaning
Cause, reason, motive.