سَرَھو جي سنڌي معنيٰ
خوش، نھال، پرسن، ممنون، راضي. آسودو، سُکي. پرڀيل، رِيجِهيلُ. بختاوَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comfortable, in health, delighted, glad, pleased, prosperous, satisfied, well.
سَرَھو جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي،
پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 14 ]
پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 14 ]
جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 19 ]

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ،
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ ڪِي آءُ مَ ڳاءُ،
جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 17 ]
جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 17 ]
English Meaning
Comfortable, in health, delighted, glad, pleased, prosperous, satisfied, well.