سَرَھِيُون جي سنڌي معنيٰ
خوش، نھال، پرسن، ممنون، راضي. آسوديون، سُکيون. پرڀيل، رِيجِهيل. بختاوَر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comfortable, in health, delighted, glad, pleased, prosperous, satisfied, well.
سَرَھِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي اوھِيرَنِ اوتَ،
ميھا چِڀِڙَ ڦُنگهِيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀَيئِي ٿوڪَ،
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنُنِ ۾، جِتِ مينھِيُون چَرَنِ موڪَ،
سَرَھِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون، جٖي تُوسِيون پائِين طوقَ،
لاھي مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 20 ]

ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي سارِي راتِ،
سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ،
مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 1 ]

جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، سي پاڻان پييُون مامِري،
جَنِي ٽَڪُ نَہ مالَهہ، سَرَھِيُون سي صَرافَ سين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 37 ]

ڪُڇَنِ آھِيان ڪوٽَ ۾، ڇَنِ نَہ ڇَڄي ھيٺِ،
لوئِيءَ سين لَطِيفُ چئَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ،
ھُتِ سَپَجي اُنَ سَسَنِ جِي، ھِتِ رِڇائِي ريٺِ،
ماڻِيان شالَ مَلِيرَ جِي، مُندائِتِي ميٺِ،
سَرَھِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِي ويٺِ،
ڏيھِيا مُون سين ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ ڪِجاھُ ماڙِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 25 ]

آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ،
لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا وارَ،
لَئِي ڪَسُ قُلُوبَ تان، تاڙي ڪِي تَنوارَ،
سَرَھِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون، پُويو پائِينِ ھارَ،
پَکَي ۽ پِرِيَنِ جِي، لَھِجِ سَيِّدُ سارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 4 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ،
آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ،
سُرَھا ڪِيائين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 7 ]