سَمَرُ جي سنڌي معنيٰ
مُسافِرِي جو سامانُ، ٽَپَڙُ ٽاڙِي، توشو، وجُودات، ذَخِيرو. اَسبابُ، رَسَدُ. سامانُ مھيا ڪرڻ جيترو خرچُ، راهَ خرچُ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Provisions for a journey or money for providing them. Means, provisions.
سَمَرُ جا بيتن ۾ حوالا
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ،
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
سَمَرُ نَہ جَنِي ساڻِ، ھوتُ حِمائِتِي تَنِ جو،
ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ،
ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 5 ]
ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ،
ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 5 ]
اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ،
سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 7 ]
سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 7 ]
ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون سين ڳالِهڙِيُون،
ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون،
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا پييُون.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 32 ]
ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون،
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا پييُون.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 32 ]
سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي ڪاڪِ جي،
تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ،
ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ جو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 27 ]
تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ،
ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ جو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 27 ]
سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾،
جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 22 ]
جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 22 ]
سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ ساٿِئا،
ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي،
ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 27 ]
ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي،
ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 27 ]
مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪِينَ پَئِي،
سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿُ لَھِي،
وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 24 ]