سَنوان جي سنڌي معنيٰ
سِڌا، سوڌا، سَوَلا، سَرَلَ. سپتيا، سالم، ٺيڪ. برابر. اُڀا، کڙاتڙا. بنا ور وڪڙن جي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Straight, not crooked, right, even, level, direct, definite. Fair, candid, upright.
سَنوان جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]

سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]

سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]

واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]

آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا،
لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 7 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

اٺاوِيھِينءَ اُنِ کي، سَندِي پَنڌَ پَچارَ،
سامِيَنِ سازَ سَنوان ڪِئا، تَندُ وَڄائِينِ تارَ،
ڪَنِ مَدائِي ڪانَہ ڪا، موچارا مَڻِيارَ،
پاڻُ پَلِيتِيءَ کان پَلي، ٿِئا ڌُريائِين ڌارَ،
اِھڙِيءَ ساکَ سَچارَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 28 ]