سَنِيھَڙو جي سنڌي معنيٰ
سنديسو، نياپو، محبت جو پيغام، سلام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A message, note, love letter, memo, a word.
سَنِيھَڙو جا بيتن ۾ حوالا
اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾،
آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ،
سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ مَ قَرِيبَنِ ري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 2 ]
آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ،
سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ مَ قَرِيبَنِ ري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 2 ]
مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو ڪانءُ،
ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان،
جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 11 ]
ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان،
جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 11 ]
سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو،
سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 1 ]
سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 1 ]
English Meaning
A message, note, love letter, memo, a word.