سَنکَ جي سنڌي معنيٰ
آواز ڪڍڻ جو هڪ اوزار، ڪوڏ، سِڱُ. واڄو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A conch which Hindus sound at certain ceremonies.
سَنکَ جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،
آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ،
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 7 ]
آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ،
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 7 ]
ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ سَنکَ،
مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ،
اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ،
سَندا ٻيڙِنِ ٻَکَ، مارُوءَ ڏيکاري مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 25 ]