سَٻاجهو جي سنڌي معنيٰ
ٻاجهہ وارو، ٻاجهارو، ٻاجهہ ڀريو، مھربانُ، ڪرم ڪندڙ. شفيق، رحم دل. نيڪ سڀاءُ، حليم، نيڪ پرڪار، هرد لعزيز. کِل مُک، چئيوان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Merciful, generous, kind
سَٻاجهو جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو واڄو،
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
English Meaning
Merciful, generous, kind