سَڀاڳُ جي سنڌي معنيٰ
نصيب، بخت، چڱي قسمت. خوشي. رحمت، ڪرم. دولت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good luck, luck, good fortune. happiness, blessing, wealth.
سَڀاڳُ جا بيتن ۾ حوالا
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ،
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ،
قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 12 ]
قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 12 ]
ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ،
ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ،
تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 4 ]
ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ،
تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 4 ]
توڻي ڏيِين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان،
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سَڀاڳُ،
دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 17 ]
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سَڀاڳُ،
دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 17 ]
English Meaning
Good luck, luck, good fortune. happiness, blessing, wealth.