سَڌُون جي سنڌي معنيٰ
خواهشون، ذوق، چاهنائون، دِليون، مرضيون، تمنائون، آرزئون، منشائون. دل جون مرادون، مقصد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Desires, wishes, inclinations, likings.
سَڌُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾،
سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 15 ]
سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 15 ]
تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ،
اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 16 ]
اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 16 ]
جا جَرِ جاٽُون نَہ مَئي، ڏِيا نَہ موھي،
سَڌُون ڪوھُ ڪَري، سا پَنھِنجي ڪانڌَ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 24 ]
سَڌُون ڪوھُ ڪَري، سا پَنھِنجي ڪانڌَ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 24 ]
ڏُونگَرُ نَہ ڏوري، سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَري،
ويٺِي گهَرِ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 4 ]
ويٺِي گهَرِ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 4 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري،
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]
اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
English Meaning
Desires, wishes, inclinations, likings.