سَکَرَ جي سنڌي معنيٰ
چڱا، موچارا، خوش، چڱا ڀلا، تازا تڪڙا، فرحتي. وڻندڙ، پسنديءَ جھڙا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In health, well, recovered, well off, well to do. Good, virtuous, better.
سَکَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄامَ، سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪِ سين،
ڪيھِي ڪُلفَتَ تَنھِن سين، جا گولِي آن جي گامَ،
وَرِجِ تُون وَرِيامَ، مُنھِنجو اَچَڻُ آن ڳَري.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 15 ]

گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ ڪاپَڙِي.
عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَرَ سَناسِينِ کي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 1 ]

سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾،
واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن،
نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 12 ]

پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ،
جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ،
اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ،
سَکَرَ ڀانيان سُومَرا، کَٿِي کان کُنھِبَنِ،
جَا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاھِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 1 ]