سَگهو جي سنڌي معنيٰ
تندرست، چاق، چڱو ڀلو، جوپُ. طاقتور، مضبوط، طاقت وارو، زور ڀريو، زبردست، جامڙد، جُوانمڙد، پھلوان، همٿ ڀريو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
healthy, fit and fine, powerful, wonderful.
سَگهو جا بيتن ۾ حوالا
وِھَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جَي سِکين تَہ سَگهو ٿِيين،
اَڳِين عادَتَ مَٽِ، تَہ اَگها عاجِزُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 19 ]

سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو،
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]

جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]

ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ،
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]