سَڱِيڻا جي سنڌي معنيٰ
سَڱ وارا، عَزازَت وارا، عَزيزَ، مِٽَ، مائٽَ، رشتيدارَ، ويجها، قَريبَ. مَڱِيلَ، مائٽِي ڪَيلَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Betrothed, affianced. Relations, connections.
سَڱِيڻا جا بيتن ۾ حوالا
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين،
سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَہ ڇَڏِيندا،
پَلَئِہ لائي پانھِنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينھَن نِياپو ڏِيندا.
[ سُر آبڙي، وايون، 16 ]

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
ھِيءَ گهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيان، ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻا،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي،
رَھِي جا رِڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِ مَ ڇورِي،
اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُونگَرِ ٿيِندِيَس ڏورِي.
[ سُر معذوري، وايون، 8 ]