سَڳَرُ جي سنڌي معنيٰ
واٽ، راھَ، رستو، دَڳُ، ڪاروان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Way, path, a body of persons, a flock, a caravan.
سَڳَرُ جا بيتن ۾ حوالا
جٖي تو بَيتَ ڀانئِيا، سي آيَتُون آھِين،
سَڳَرُ سُونھائِينِ، پِريان سَندي پارَ جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 29 ]
سَڳَرُ سُونھائِينِ، پِريان سَندي پارَ جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 29 ]
سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون،
پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون،
تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ ٻاروچي مِڙان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 23 ]
پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون،
تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ ٻاروچي مِڙان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 23 ]
قافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کان، ڇِنِي ڇَڏِيائُون،
لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
ناسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گهارِيائُون،
فَبَصَرُڪَ الْيَوْمَ حَدِيدٌ ، اِيَھِين اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي،
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 21 ]

سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾،
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]
English Meaning
Way, path, a body of persons, a flock, a caravan.