سَڻاوا جي سنڌي معنيٰ
سؤلا، سھنجا، سؤکا، سئوان. فائدي وارا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Easy, friendly, understandables, simple.
سَڻاوا جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 8 ]
ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 8 ]
بازارِ جي بِيھَڻَ کان، سامِيَنِ ڪِئو سوڳَندُ،
پِيتائُون پُرِ ڪَري، سَندو مَحَبتَ مَندُ،
ٿِئا سَڻاوا سَيِّدُ چئَي، رِڙِھِي لَڌائُون رَندُ،
ھادِيءَ تَنِي جو ھَنڌُ، جوڙايو جَبَرُوتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 24 ]