سُتَڙِ جي سنڌي معنيٰ
ڪنڌي سڻائو تَڙُ، سٺو گهيڙُ، سھنجو تَڙُ. سٺو ماڳُ، سَوِلو هنڌ. برصواب، سالم. سنئين واٽ، سڌو رستو، چڱو پارُ.
(ضد. اَوتَڙُ، ڪُتَڙ، ڏتَڙ.)
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Enlighted path, right way, straight way
سُتَڙِ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ،
بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 5 ]
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ،
بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 5 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو سُلِطانِي،
سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي،
بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ عَرَبُ اِنعامِي،
ڏِسِ کيڙي ڏانِي، سُوڀا سُتَڙِ آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 11 ]
سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي،
بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ عَرَبُ اِنعامِي،
ڏِسِ کيڙي ڏانِي، سُوڀا سُتَڙِ آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 11 ]
ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا،
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا،
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 5 ]
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 5 ]
English Meaning
Enlighted path, right way, straight way