سُوالُ جي سنڌي معنيٰ
التجا، آزي، درخواست. گهُرَ، التماس، عرض، مانگ. پرشن، حُجت، پڇا، دريافت، تڪرار، بحث.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A solicitation, request, a question.
سُوالُ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين ٿِيي جانِ زَوالُ،
وِھاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 5 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين ٿِيي جانِ زَوالُ،
وِھاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 5 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ،
اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ،
ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَئِين اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 8 ]
اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ،
اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ،
ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَئِين اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 8 ]
ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ،
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
English Meaning
A solicitation, request, a question.