سُونھارا جي سنڌي معنيٰ
سونھن وارا، سوڀيا وارا، سھڻا، حَسين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beautiful, pretty.
سُونھارا جا بيتن ۾ حوالا
ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو،
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ،
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ،
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ، تازا پيرَ پِريان جا،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا،
سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن ڪي ھوتَ ڏِٺا.
[ سُر ديسي، وايون، 18 ]
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا،
سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن ڪي ھوتَ ڏِٺا.
[ سُر ديسي، وايون، 18 ]
ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي، آيُسِ تُنھِنجي دَرِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ،
ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ جو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 11 ]
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ،
ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ جو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 11 ]
English Meaning
Beautiful, pretty.