جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 15 ]
اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ،
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 11 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 18 ]
جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي،
ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي،
ميڙِ مُنجان ٿي مَينڌَري، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،
ميڙِ منھِنجِي مَينڌَرو، مانَ موٽائي،
ساھُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڪامَ وَٺِئِو ٿو ڪاھي،
ساڻيھَ مَٿي سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
فَقِيرِ مِينھَن فِراقَ جا، ويٺِي وَسائي.
[ سُر راڻو، وايون، 8 ]
توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي،
اَسان تو ري ناھِ ڪا، ٻِي ڳُجهاندَرِ ڳَرِي،
توکي سَرِي سُپِرِين، اَسان تان نَہ سَرِي.
[ سُر ليلا، وايون، 2 ]
سَڌَرَ مُنھِنجا سُپِرِين، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ،
مَولا مُون کي ميڙِين، سُپريان جي سَٿَ،
ڇَنڊِيان کيھَ اَکِيُنِ سين، پيرين وِجهان ھَٿَ،
ڏُوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، ھُيَمِ جَنِي جِي سِڪَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَڃِيائُون مِنٿَ،
[ سُر رِپ، وايون، 3 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ،
وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 23 ]
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 19 ]
اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 1 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*pri- pr?-, Proto-Indo-European root meaning "to love." In some languages (notably Germanic and Celtic) it developed derivatives with the sense "free, not in bondage," perhaps via "beloved" or "friend" being applied to the free members of one's clan (as opposed to slaves). It forms all or part of: afraid; affray; filibuster; Frederick; free; freebooter; freedom; friend; Friday; Frigg; Godfrey; Geoffrey; Siegfried; Winfred. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit priyah "own, dear, beloved," priyate "loves;" Old Church Slavonic prijati "to help," prijatelji "friend;" Welsh rhydd "free;" Old English freo "exempt from; not in bondage, acting of one's own will," Gothic frijon "to love," Old English freod "affection, friendship, peace," friga "love," friðu "peace," Old Norse Frigg, name of the wife of Odin, literally "beloved" or "loving."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)