سُٿِرا جي سنڌي معنيٰ
سؤکا، سولا، سکيا، سڻاوا، سھنجا، آسان، سليس، سَھلِ. صاف، اُجلا، نرمل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Easy, facile.
سُٿِرا جا بيتن ۾ حوالا
ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾ بِرِھُ بَلوچَ جو،
مُون کي لَڳَڙو ڪانُ شِتابا،
ٻَرِيَمِ ٻاروچَنِ جا، ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيا،
ڏُکوُن بُکُون ڏاکِڙا، ڪارَڻِ جَنِ مُون ڪِئا،
سُورَ نَہ سانڍَڻُ سُٿِرا، جيھا جٖي تيھا،
پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِيءَ وَرُ وِئا،
پاتَمِ ھوتَ پُنهونءَ لاءِ، لَڪَنِ مَنجِهہ لِيا،
اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَچي پُورَ پِئا.
[ سُر ديسي، وايون، 13 ]

ڪَھَڻُ تَہ ڪَچائِي، سُورَ نَہ سانڍِڻُ سُٿِرا،
اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 8 ]
اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 8 ]
English Meaning
Easy, facile.