سُکِ جي سنڌي معنيٰ
سک، قرار، چين، فرحت سان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Having peace and tranquility.
سُکِ جا بيتن ۾ حوالا
جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي،
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،
مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 4 ]
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،
مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 4 ]
صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي،
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ،
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن،
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين،
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھَن جِي،
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، لاھي لانگوٽِي،
جِھَڙا آيا جَھانَ ۾، تِھَڙا وِئا موٽِي،
تَنِي جِي چوٽِي، پورڀِ ٿِيندِي پَڌِرِي .
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 6 ]
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، لاھي لانگوٽِي،
جِھَڙا آيا جَھانَ ۾، تِھَڙا وِئا موٽِي،
تَنِي جِي چوٽِي، پورڀِ ٿِيندِي پَڌِرِي .
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 6 ]
آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون،
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو،
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
English Meaning
Having peace and tranquility.