سِر جي سنڌي معنيٰ
تي، اُتي، مٿي. ان تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
At , on, upon.
سِر جا بيتن ۾ حوالا
کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري،
اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ،
لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 39 ]
اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ،
لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 39 ]
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي،
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي،
ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي،
مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 12 ]
ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي،
مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 12 ]
اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، ھَلو ڏورِيُون ڏُٿَ کي،
پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾، ڪُونڌرَ سِر ڪُلَهنِ،
ڏورا ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 15 ]
پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾، ڪُونڌرَ سِر ڪُلَهنِ،
ڏورا ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 15 ]
English Meaning
At , on, upon.