سِيباڻا جي سنڌي معنيٰ
وڻيل، پسند ٿيل. مناسب، لائق، دِل گهريا، خواهان، سيبڻ. سُھائڻ، جُڳائڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Favourites, ables, most demanded, amours, desired.
سِيباڻا جا بيتن ۾ حوالا
آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا،
لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 7 ]
لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 7 ]
ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، پُنهونءَ پُڄاڻا،
سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 15 ]
سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 15 ]
اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا،
سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا،
جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 4 ]
سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا،
جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 4 ]
English Meaning
Favourites, ables, most demanded, amours, desired.