سِڪان جي سنڌي معنيٰ
اُڪنڊجان، واجهائيان، تڪيان. حرص ڪريان. آس ۾ آھيان. خواهش مند آھيان، گهرجائو آھيان، ضرورتمند آھيان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Coveting, wishing, longing, to being in a state of desire, yearning.
سِڪان جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، پويون ٿِئُمِ پَساھُ،
سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ،
شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 7 ]
سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ،
شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 7 ]
اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ جهوڪي،
ساھُ مُنھِنجو سُپرين، راڻا وَھِيين روڪي،
سِڪان ٿِي تو کي، مُنھُن ڏيکارِجِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 6 ]
ساھُ مُنھِنجو سُپرين، راڻا وَھِيين روڪي،
سِڪان ٿِي تو کي، مُنھُن ڏيکارِجِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 6 ]
تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ،
مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ ھارَ،
دوسِتَنِئون دُورِ ڪِيَسِ، ھِنَ ڪُوڙي ڪَڻَهارَ،
آھِيان عَيبِدارَ، سِڪان ٿِي سُھاڳَ کي.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 17 ]

هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا،
سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ،
حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ،
سَنجهي سَتِ گُذارِيان، اَچي شالَ اَسُورِ،
دَران ٿِيان مَ دُورِ، مارُو ڄامَ مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 3 ]

ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏِھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا،
ڪَڏِھِين اَچان اَچَڻُ نَہ لَھان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين،
ڪَڏِھِين سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِھِين ڳُجهاندَرَ ڳَرَھِينِ،
اِھڙائِي آھِينِ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 24 ]
ڪَڏِھِين اَچان اَچَڻُ نَہ لَھان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين،
ڪَڏِھِين سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِھِين ڳُجهاندَرَ ڳَرَھِينِ،
اِھڙائِي آھِينِ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 24 ]
آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا،
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
English Meaning
Coveting, wishing, longing, to being in a state of desire, yearning.