صُبحِ جي سنڌي معنيٰ
سج اُڀرڻ جي مھل جو، فجر سان، سحر، پرھ سان پرڀات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
At morning time, with dawn. In sunrising.
صُبحِ جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين،
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
پِرِھَ پَکِي آيو، صُبحِ سَوارو،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو،
مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 14 ]

جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي،
ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري،
وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪو نَہ صَحِي،
اَڳِئان آرِيءَ ڄامَ جو، سُڄي ساٿُ صَحِي،
صُبحِ ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪَنھِن پَرِ راتِ رَھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 2 ]

ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَہ ٿِئا،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 13 ]

اَدِيُون اُٺَ وِئا، مُنھِنجا نِيَرَنِ سُوڌا نِڪِرِي،
ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا،
سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 16 ]

چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ،
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]

رَھِئا اَٿيئِي راتِ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي،
لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ،
سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري ڀاڳَ ڀِري.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 1 ]

اَڱَڻِ آھِينِ اَڄُ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي،
ڪِجِ ڪو ڪاپَڙِيَنِ مان، رُوحَ رُچَندو رَڄُ،
پيرَ اُنِين جا پُڄُ، مَتان سِڪين سَناسِيَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 2 ]

زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون،
اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون،
ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون،
”لالَڻَ ڪونَہ لَھُون، جِھَڙو تو جَھانَ ۾“.
[ سُر پورب، ڪانگ، 31 ]