ضَعيفَنِ جي سنڌي معنيٰ
هيڻن، ڪمزورن، نِسَتن، نِٻَلن، ناتوانن، بي طاقتن. اَڀِرن، ڏُٻَلُ، ڏُٻرن، ٻُڍن، پوڙهن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Weaks, infirms, feebles, faints, old, poors.
ضَعيفَنِ جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]