طالِعُ جي سنڌي معنيٰ
برج. بخت، نصيب، ڀاڳ، قسمت، ستارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The star or zodiac that rises from the east at the time of birth, star, destiny, fate, lot, fortune.
طالِعُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڏو طالِعُ تو، لَڳِينءَ پيرِ پُنهونءَ جي،
سَسُئِي اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو،
ويٺِي ھِتِ مَ ھو، ھَلين تَہ ھوتُ لَھين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 13 ]
سَسُئِي اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو،
ويٺِي ھِتِ مَ ھو، ھَلين تَہ ھوتُ لَھين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 13 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو،
آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ دارُون لايو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 31 ]