عامَ جي سنڌي معنيٰ
معمولي، رواجي، رسمي، ھالو چالو، رائج سادا، بازاري، ھلڪا، گهٽ، ادنيٰ. سڀ جو، وچ جو، سمان، هڪجھڙا. سڀ، ماڻهو، خدا جي خلق، مخلوق. (ايرا غيرا نٿو خيرا)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Common, general, usual.
عامَ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي،
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ،
اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن،
ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 34 ]
اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن،
ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 34 ]
چوڏِينھَن چَنڊَن اُڀِري، اُوڻَٽِيھَن پَسي نَہ عامَ،
مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 18 ]
مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 18 ]
مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي ڪيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ،
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئا،
لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا دوسُ مُجي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 1 ]
لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا دوسُ مُجي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 1 ]
ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
توتي لَڄَ لَطِيفُ چئَي، آھي سَندِي عامَ،
مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،
پَرچِي پُڇُ پِيادِيُون، اللهَ لَڳِ عَلامَ،
جا نَوازِي آن جي نامَ، سا ھوتَ نَہ ڇَڏِجِ ھيڪَلِي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 14 ]

مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اِلَماسَ،
نَہ ڪا عامَ نَہ خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 20 ]
نَہ ڪا عامَ نَہ خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 20 ]
سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]