عَبَثُ جي سنڌي معنيٰ
اجايو، بي فائدو، خالي پيلي، فضول، لاحاصل. بيڪار، نِڪمو، نِڪارُ. سبب کان سواءِ، ناحق، هروڀرو، خواہ مخواہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Futile, profitless, purposeless, unnecessary.
عَبَثُ جا بيتن ۾ حوالا
عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا،
ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ لاھِيين ڪَسُ،
حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو، تان تُون پِريَمِ پَسُ،
اَچي اڀاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 7 ]

دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين،
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا،
راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 1 ]
راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 1 ]
ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون،
ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 1 ]
ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 1 ]
روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين،
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون،
ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون،
عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي، ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون،
سَڀَ رَڱيِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِھيِن، مادَرِ مَٿان مُون،
ھِتي ھُتي لَطِيفُ چئَي، سَدا آھِين تُون.
[ سُر حسيني، وايون، 22 ]