عِبادَتَ جي سنڌي معنيٰ
پُوڄا، بندگي، نمازَ، سَجدو، تَسبيح، طاعت، ڀڳتي، اِطاعت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Worship, adoration.
عِبادَتَ جا بيتن ۾ حوالا
مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]

ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي،
ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ،
عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 22 ]

اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ،
سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ اُنِ،
قُلۡ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ ، ٿا مَنجهان پِرتِ پَڙَهنِ،
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 1 ]

زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي،
ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي،
اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،
اُڪنڊَ ساڻُ اَچِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 11 ]

مَنُ مَڻِڪو تَنُ تَسبِيحَ، دِلِ دَنبُورو جَنِ،
تَندُون جٖي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ ساڻُ وَڄَنِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِھو راڳُ رڳُنِ،
سي سُتا ئِي سُونھَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 18 ]