غَرِيبُ جي سنڌي معنيٰ
وطن کان نڪتل، مسافر، پرديسي. ويڳاڻو، اجنبي. غربت وارو، مسڪين. بي پھچ ، ڪمزور. ضرورتمند، گهرجائو، محتاج. سانتيڪو، ماٺيڻو، حليم. اشراف، خليق. نھٺو ، نماڻو. نرم دل، رحمدل، سڌو سادو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Poor, gentle, affable, humble, unassuming.
غَرِيبُ جا بيتن ۾ حوالا
ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ.
پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،
ڏُکندو سَڀوئِي ڏُورِ ڪِئو، مَنجُهون تَنَ طَبِيبُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 22 ]