فَرَحَتَ جي سنڌي معنيٰ
خوشي، سرهائي، آنند، شادماني، خرمي، مزو، لطف، سواد، لذت، وندر. آرام، قرار، سک. سھنج، سولائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cheerfulness, joy, delight, pleasure, exhilaration, euphoria.
فَرَحَتَ جا بيتن ۾ حوالا
خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي،
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]

ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ،
وَرُ جيڏِنِ سين جُوعَ، فاقو فَرَحَتَ ڀانيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 11 ]

توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھايَتَ،
اَعرافِ اَباڻَنِ کي، فاتِحَه ۾ فَرَحَتَ،
لُقمانِ جاءِ لَطِيفُ چئَي، سَجدَہ ساڻُ صِحَتَ،
نساءِ نُورِ نِيَتَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 22 ]