فَضُلَ جي سنڌي معنيٰ
عطا، بخشش، عطيہ. بزرگي. مھرباني، ڀلائي، ڪرپا، عنايت، نوازش. ٻاجهہ، ڪرم، ديا، رحم، مِھرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Favor, mercy, grace.
فَضُلَ جا بيتن ۾ حوالا
جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي،
لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ،
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 1 ]
لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ،
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 1 ]
ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا،
چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي،
سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،
آھي اَڀاڳُ اُنِ کي، جَنِي واٽَ وِڃائِي،
ري فَضُلَ رَبَ جي، مُوران ماڙِ نَہ ڪائِي،
آيا مَلَڪَ اللهَ جا، ھئَي ھئَي ڪَندا ھيڪائِي،
آئُون سِنڌِي ھُو عَرَبِي، ڪِيئَن پَرُوڙِبِي وائِي.
[ سُر آسا، وايون، 5 ]