لاتِ جي سنڌي معنيٰ
آواز. سُندر وائِي، مِٺو آواز، مٺو راڳ، درديلو آواز. پکيءَ جو آواز، پکين جي چِيهاٽ، ٻولي، ڀُڻڪو، مٺي وائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Imitating of voice or sound, the noise of a bird. Etc.
لاتِ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو،
مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان،
چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 14 ]
مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان،
چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 14 ]
وَھلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين، آءُ ڪانگا لَنئُن لاتِ،
وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 6 ]
وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 6 ]
ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪا جَا لاتِ لَتِي،
آتَڻَ مَنجِهہ اَندوھُ ٿِئو، سَگهي ڪانَہ ڪَتِي،
ويڙِھي مَنجِهہ وَتِي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَمايو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 15 ]
آتَڻَ مَنجِهہ اَندوھُ ٿِئو، سَگهي ڪانَہ ڪَتِي،
ويڙِھي مَنجِهہ وَتِي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَمايو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 15 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، هَلَنِ ۾ حُجراتِ،
هَميشه حِجرَ ۾، لَحنُ لَطِيفي لاتِ،
سُورَنِ جا سَرَتِيُون، رَعدَ مُڪائُمِ راتِ،
مُون تَنَ تَنِي جِي تاتِ، جَنِ جو اورَڻُ اَحقافَ سِين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 13 ]
هَميشه حِجرَ ۾، لَحنُ لَطِيفي لاتِ،
سُورَنِ جا سَرَتِيُون، رَعدَ مُڪائُمِ راتِ،
مُون تَنَ تَنِي جِي تاتِ، جَنِ جو اورَڻُ اَحقافَ سِين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 13 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سانبِي سارِئَمِ راتِ،
صُبحِ سَجدَہ فُصِلَت، لَنوَنِ لَطِيفِي لاتِ،
رَعدَ فُرقانِ عَنڪَبُوتِ، هِدايَتَ حُجراتِ،
مُون تَنَ تَنِي جِي تاتِ، جَنِ جو اورَڻُ اَحزابِ سين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 14 ]
صُبحِ سَجدَہ فُصِلَت، لَنوَنِ لَطِيفِي لاتِ،
رَعدَ فُرقانِ عَنڪَبُوتِ، هِدايَتَ حُجراتِ،
مُون تَنَ تَنِي جِي تاتِ، جَنِ جو اورَڻُ اَحزابِ سين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 14 ]
لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو،
ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 16 ]
ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 16 ]
لَئِين تَنِي جِي لاتِ، ذاتِ نَہ آھي جَنِ جي،
وايُون ڪَرِيين واتَ سين، تَنَ ۾ رکين نَہ تاتِ،
ڪُٺين تَنھِن نَہ ڪاتِ، جَنھِن پَهچايوءِ پِرِينءَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 17 ]
وايُون ڪَرِيين واتَ سين، تَنَ ۾ رکين نَہ تاتِ،
ڪُٺين تَنھِن نَہ ڪاتِ، جَنھِن پَهچايوءِ پِرِينءَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 17 ]
لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي،
واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ،
ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ پِرِيَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 18 ]
واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ،
ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ پِرِيَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 18 ]
تَنَ جَنِي جِي تانگهَہ، سي سَڄَڻَ سَفَر ھَلِئا،
لَئِجِ لاتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَڏِھِين اِيندَمِ ڪانگَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرَڏيھِي ڪِئا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 8 ]
لَئِجِ لاتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَڏِھِين اِيندَمِ ڪانگَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرَڏيھِي ڪِئا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 8 ]
English Meaning
Imitating of voice or sound, the noise of a bird. Etc.