لوءِ جي سنڌي معنيٰ
رهڻ جو هنڌ، رهائش واري جاءِ، عاشق جو ماڳ، پرين جو ڳوٺ، رهائش، سڪونت، ماتر ڀومي، گهر، مڪان، جڳھ، وطن، ملڪ، ڳوٺ، شهر، ماڳ، جھان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Place of residence, the village of a lover.
لوءِ جا بيتن ۾ حوالا
لاکو لوءِ بَہ لوءِ، وِڙِھي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
ڪَرڳَلُ مَٿي ڪَڇَڙي، پِرھَ ڦُٽِيءَ پوءِ،
ھَئَي تَنِ کي ھوءِ، جَنِ اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 10 ]
ڪَرڳَلُ مَٿي ڪَڇَڙي، پِرھَ ڦُٽِيءَ پوءِ،
ھَئَي تَنِ کي ھوءِ، جَنِ اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 10 ]
ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي،
وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ،
لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 18 ]
وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ،
لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 18 ]
جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ مان، لَڏي وَيُون لوءِ،
ھاڻي ھِنھان پوءِ، لَنڊِيُون رَھَنِ لَبَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 22 ]
ھاڻي ھِنھان پوءِ، لَنڊِيُون رَھَنِ لَبَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 22 ]
سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَنو روءِ،
نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪا نَہ ڪَري.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 10 ]
نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪا نَہ ڪَري.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 10 ]
ڪيچِ مَ خَبَرَ ھوءِ، ھِنَ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي،
مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 27 ]
مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 27 ]
جي گهُران سي نانھِ، اَڻَ گهُرِيا لوءِ گَهڻا،
مَنھُن ڀَرِيو ماڻُهين، مُون مَنُ مُوافِقُ ناھِ،
تَنِ ڪِبو ڪانهَنِ، جَنِ گَڏِيي گُوندَرُ نَہ لَھي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 7 ]
مَنھُن ڀَرِيو ماڻُهين، مُون مَنُ مُوافِقُ ناھِ،
تَنِ ڪِبو ڪانهَنِ، جَنِ گَڏِيي گُوندَرُ نَہ لَھي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 7 ]
سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون سين ڳالِهہ ڪِي،
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 12 ]
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 12 ]
ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ مَ جوءِ،
جيڪِي پُڇين پُڇُ سو، گُونگا نِين نَہ گوءِ،
سِرَ سِپاھِيَنِ وِڪِئا، سوڪِ نَہ سامِي سوءِ،
وانءُ لاھُوتِي لوءِ، عِجزُ ڪِي آڏو ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 22 ]
جيڪِي پُڇين پُڇُ سو، گُونگا نِين نَہ گوءِ،
سِرَ سِپاھِيَنِ وِڪِئا، سوڪِ نَہ سامِي سوءِ،
وانءُ لاھُوتِي لوءِ، عِجزُ ڪِي آڏو ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 22 ]
جَي تُون اوڏَ طَلَبِيين، تِئان ھِتِ نَہ ڪوءِ،
وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 30 ]
وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 30 ]
نَہ سي ڦُلَ باغَنِ ۾، ھَٽين نَہ داڻا،
لاکي اَباڻا، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 1 ]
لاکي اَباڻا، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 1 ]
English Meaning
Place of residence, the village of a lover.