لوڀَ جي سنڌي معنيٰ
لالچ ، طمع لوبُ، ڌن، ترشنا، هٻڇ، حرس، هَوَسَ. خواهش، اِڇا، تمنا، موه، سُڌَ، شوق. ٻاجهر جو لُبَڻَ کانپوءِ ٻيو فصل، وَڍِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Avarice, covetousness, greediness, temptation. The second crop of Bajari sprung up after the first cutting.
لوڀَ جا بيتن ۾ حوالا
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 3 ]
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 3 ]
English Meaning
Avarice, covetousness, greediness, temptation. The second crop of Bajari sprung up after the first cutting.