لوڙُه جي سنڌي معنيٰ
مُڙدو، لاش، ميت، جنازو، قبر، لحد، تربت، گور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Deadbody, grave, the raised terrace or tomb covering a grave.
لوڙُه جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ، جا مَنَ اَندَرِ ڳالِهڙِي،
چَڙھان ڏاڍِين ڏُونگَرين، سُپيرِيان جي ساءِ،
ھوتَ ھَلَنِ آئُون وِھان، تان ڪا اِيءَ جُڳاءِ،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ھاڙهو ھوتَنِ لاءِ،
پانڌِيئَڙا پيرَ ڀَري، پِريان کي پَھچاءِ،
مَولا مُون کي ميڙيين، سَندِيءَ جانِبَ جاءِ،
سَسُئِيءَ جي سِڙيءَ کي، اوڏاھِين اُٺاءِ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو لوڙُه لَٽاءِ.
[ سُر حسيني، وايون، 31 ]

فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو،
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]

مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي،
لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي،
جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 17 ]